لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لوئر مال ٿاڻي جي پوليس موٽر سائيڪل چوري ڪري وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ 5 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو . شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندڙ پوليس اهلڪارن پاڻ ئي چور بڻجي ويا. لوئر مال پوليس مال خاني مان موٽر سائيڪلون چوري ڪري وڪرو ڪندڙ پنج پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جڏهن ته جوابدارن جو هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. جوابدارن مال خاني مان موٽر سائيڪل چوري ڪري بلال گنج مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندا هئا ۽ انهن وٽان ڏهه موٽر سائيڪلون هٿ آيون آهن. لوئر مال پوليس کي ملي آهي ته اڻڄاتل ماڻهو هڪ مزدا گاڏي تي ڪيئي موٽر سائيڪلون لوڊ ڪري وڃي رهيا آهن. جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي پنج پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته نويد نالي هڪ چور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته ٻين پنجن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. پڇاڳاڇا دوران جوابدارن ٻڌايو ته هو صدر مال خاني مان موٽر سائيڪل چوري ڪري بلال گنج مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندا آهن، گرفتار ٿيل پنجئي پوليس اهلڪار آهن جن ۾ عاصم صديق، انوار الحق، شوڪت ۽ يوسف شامل آهن. پوليس موجب فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن
The post شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندڙ پوليس اهلڪار پاڻ ئي چور بڻجي ويا ! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment