ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جو فائنل ڏسڻ لاءِ صدر پاڪستان عارف علوي سميت سياسي ۽ شوبز سان سلهاڙيل ناليواريون شخصيتون گرائونڊ ۾ موجود هونديون. پي ايس ايل 4 جو آخري دنگل اڄ سنڌ جي دل ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ ٿيندو جنهن ۾ صدر عارف علوي خاص مهمان هوندو. ڪرڪيٽ جي عالمي اداري ( آءِ سي سي ) جي چيف ايگزيڪٽو ڊيوڊرچرڊسن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين احسان ماني به پي ايس ايل فائنل ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ موجود هوندا جڏهن ته اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي اچڻ جا به امڪان آهن. سياسي شخصيتن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي وارو وزير شيخ رشيد به فائنل مقابلو گرائونڊ ۾ ويهي ڏسندا. پي ايس ايل فائنل جي پڄاڻي واري تقريب ۾ 23 مارچ جو مڪمل ٿيم سانگ به پيش ڪيو ويندو جنهن تي راڳي ساحر علي بگا پرفارم ڪندو، اداڪار فواد خان، آئمه بيگ، ذوهيب حسن ۽ ٻيا به پرفارم ڪندڙن ۾ شامل هوندا. پشاور زلمي جي سفير ماهرا خان، گل پنڙا، مايا علي، ثناءَ جاويد، همايون سعيد ۽ شوبز جي ٻين شخصيتن جي شرڪت جا به امڪان آهن. پي ايس ايل فائنل جي پڄاڻي واري تقريب شام ڇهين وڳي ٿيندي جڏهن ته رات اٺين وڳي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي پي ايس ايل فور جي ٽائيٽل لاءِ آخري ويڙهه وڙهندا.
The post پي ايس ايل جو آخري مقابلو ڏسڻ لاءِ ناليواريون شخصيتون اسٽيڊيم ۾ موجود هونديون appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment