

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته کنڊ چور وزير اعظم کي ايتري آساني سان ڀڄڻ نه ڏينداسين، عمران خان پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪابينا کي بچائڻ جي لاءِ رپورٽ جو سرڪس هنيو.
شگر انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي حڪومتي ميمبرن جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي رد عمل ۾ اڳوڻي وزير اعظم جو چوڻ هو ته هڪ ٻئي ننڍي پريس ڪانفرنس م عمران خان جي چوري لڪائڻ جي تفصيل بيان ڪئيوئي.، ميڊيا تي سرڪس ۾ اصل کنڊ چور وزير اعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو ذڪر ئي ناهي.
شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته فيصلن جي منظوري ڏيندڙ عمران خان، حفيظ شيخ، اسد عمر ۽ عثمان ڊار آهن ۽ سچ اِهو آهي ته وزير اعظم کنڊ برآمد ڪرڻ جي ان وقت اجازت ڏني جڏهن ملڪ ۾ کوٽ هئي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان کي بچائڻ جي وفاقي جاچ اداري ۽ حڪومتي اختيار جو بدترين استعمال ٿيو ۽ عمران خان پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪابينا کي بچائڻ جي لاءِ رپورٽ جو سرڪس هنيو.
ن ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته رپورٽ پڙهڻ کان پوءِ ۽ ڳالهين سان گڏ مسلم ليگ ن اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندي.
The post ”رپورٽ ۾ اصل کنڊ چور وزير اعظم ۽ عثمان بوزدار جو ته ذڪر ئي ناهي“ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment