ڀارت جيڪو به ڪري، ڪشميرين 5 آگسٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي:  شاهه محمود - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 3, 2020

ڀارت جيڪو به ڪري، ڪشميرين 5 آگسٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي:  شاهه محمود


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميرين جي حق خوداراديت جي جدوجهد جاري رهندي ۽ پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي.

ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شاهه محمود قريشي، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ قومي سلامتي واري مشير معيد يوسف فوجي اختيارين سان گڏجي ايل او سي سيڪٽر چري ڪوٽ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي فوجي اختياري به وفاقي وزيرن سان گڏ هئا. دوري دوران فوجي اختيارين طرفان پرڏيهي  وزير کي بريفنگ به ڏني وئي.

شاهه محمود قريشي لائين آف  ڪنٽرول تي مقرر پاڪ فوج  جي جوانن جي عظمت، همٿ ۽ جذبي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سموري قوم پنهنجي جوانن جي بهادري تي فخر ڪري ٿي، ڀارت جيڪو به ڪري، ڪشميرين 5 آگسٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پنج آگسٽ جا قدم ڪو به قبول نه ڪندو. ڪشميرين جي حق خوداراديت جي جدوجهد جاري رهندي، پاڪستان قوم ڪشميرين سان  گڏ بيٺل آهي.

The post ڀارت جيڪو به ڪري، ڪشميرين 5 آگسٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي:  شاهه محمود appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages