ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان عافيه صديقي جي آزادي لاءِ ڪوشسون ڪيون آهن پر آمريڪي قانون رنڊڪ بڻيل آهي، يورپ ۾ اسلام فوبيا نظر اچي رهيو آهي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪرائسٽ چرچ نيوزيليند ۾ دهشتگرديءَ جو واقعو مذمت جوڳو آهي جنهن ۾ 49 مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو، دهشتگردي عالمي معاملو آهي، نيوزي لينڊ ۾ اهڙو واقعو پهريون ڪڏهن نه ٿيو آهي. هن چيو ته نيوزيلينڊ جي حڪومت مارجي ويلن جي سڃاڻپ ڪري ڇڏي آهي، هڪ پاڪستاني زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، ڪرائسٽ چرچ ۾ 300 پاڪستاني ترسيل آهن، هن وقت 9 جي لڳ ڀڳ پاڪستاني گم آهن، سندن موبائيل به بند آهن، جڏهن ته لنڊن ۾ به هن وقت ڪجهه پاڪستاني گم آهن، متاثر خاندان سان رابطو ڪنداسين، سندن هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ٿي آهي، اسان ته پهرين ڏينهن کان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ چين اهم ڪردار ادا ڪيو، سڀاڻي چين جو دورو ڪندس، جڏهن ته اسان کي جنگ نه امن طرف وڌڻو آهي، 19 مئي تائين مودي سرڪار مان خير جي اميد ناهي، ڀارتي چونڊن تائين اسان کي لائن آف ڪنٽرول ۽ هوائي حدن تائين الرٽ رهڻو پوندو، ڀارتي پائليٽ کي آزاد ڪرڻ جو ڀارت ۾ سنجيده ماڻهن تي اثر پيو آهي، پاڪ ڀارت گڏيل پڌرنامو ڪافي عرصي کانپوءِ سامهون آيو آهي، ڪرتارپور راهدي لاءِ ايندڙ گڏجاڻي 2 اپريل تي ٿيندي. عافيه صديقي بابت سوال تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته سوشل ميڊيا جا گهڻا فائدا آهن پر حقيقت جي ابتڙ معلوم ٿيندا آهن، جيڪي ماڻهو پنهنجي نياڻي جي خدمت ڪن ٿا کين گذارش آهي ته خاموش رهن، عافيه صديقي جي آزادي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون الله ڪري اسان عافيه صديقي کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.
The post يورپ ۾ اسلام فوبيا نظر اچي رهيو آهي: شاهه محمود قريشي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment