ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ٽيون ڀيرو فائنل کيڏي رهيا آهيون ۽ هن ڀيري ڪاميابي لاءِ پراميد آهيون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ هو ته سموري ايونٽ ۾ اسان جي ٽيم سٺو کيڏي، شين واٽسن ميچ کٽرائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، شين واٽسن ۽ عمر اڪمل اسان جا مرڪزي بيٽسمين هوندا، احسان علي ۽ احمد شهزاد کان به اميدون آهن، فواد احمد کي کيڏائڻ جي رسڪ نٿا کڻنداسين.هن چيو ته مقابلي ۾ مضبوط ٽيم هوندي پر 190 رنسون اسڪور ڪندڙ ٽيم کي سرسي ملي سگھي ٿي. ٻئي ٽيمون هڪ ٻئي جي خامين ۽ خرابين کان آگاهه آهن، بائونڊري ننڍي هجڻ سان رنسون ٺهنديون آهن، بائونڊري ۾ واڌ بعد بالر ۽ بيٽسمين خوش آهن جڏهن ته نئين ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ لاءِ محنت ڪنداسين. ڪرائوڊ نيوٽرل آهي جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڪرڪيٽ هوندي ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ هوندي، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ مقابلن جو معيار گھڻو بلند ٿي ويو آهي، ٽڪيٽ گھرندڙن جو فرمائشون وڌي ويون آهن، مون وٽ ٽڪيٽ ڪانهي، مهرباني ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪپتان چيو ته آسٽرليا خلاف ٽور ۾ ٽيم کي مس نه ڪندس، گھر ويهي ميچون ڏسندس.
The post پي ايس ايل فائنل ۾ ڪاميابي لاءِ پراميد آهيون: سرفراز احمد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment