رپئي جي ملهه ۾ رڪارڊ لاٿ، چئن ڏينهن ۾ ڊالر 9 رپيه 60 پئسا مهانگو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 21, 2019

رپئي جي ملهه ۾ رڪارڊ لاٿ، چئن ڏينهن ۾ ڊالر 9 رپيه 60 پئسا مهانگو


ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪيترن ئي ڏينهن کان آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ رپيه جو ملهه مسلسل ڪري رهيو آهي ۽ روزاني پاڪستاني ڪرنسي ۾ لاٿ ٿي رهي آهي. آءِ ايم ايف کان قرض حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل معاهدن کانپوءِ پاڪستاني ڪرنسي جي ملهه ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو هو. افواهن ۽ خدشن کي نظر ۾ رکندي انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ پرڏيهي ڪرنسين ۽ خاص ڪري ڊالر جي خريداري ڏٺي پئي وڃي جنهن سبب رپيو شديد دٻاءَ جو شڪار آهي ۽ مسلسل بي قدر ٿي رهيو آهي. اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ ٻه رپين کان وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو آهي جنهن کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو ملهه 152 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر ٻن رپين جي اضافي کانپوءِ 153 رپين جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته صورتحال اها آهي ته مارڪيٽ ۾ ڪو به ڊالر وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.  چئن ڏينهن دوران رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر 10 رپين جي لڳ ڀڳ مهانگو ٿيو آهي جنهن سبب پاڪستان تي پرڏيهي قرضن ۾ هڪ هزار ارب رپين کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.

The post رپئي جي ملهه ۾ رڪارڊ لاٿ، چئن ڏينهن ۾ ڊالر 9 رپيه 60 پئسا مهانگو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages