ماهرا خان پيرس فيشن ويڪ 2019ع جو حصو بڻجندي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 21, 2019

ماهرا خان پيرس فيشن ويڪ 2019ع جو حصو بڻجندي


پيرس (ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان هلندڙ سال پيرس فيشن ويڪ جو حصو بڻجي وئي.

گذريل سال ماهرا خان فلمي دنيا جي سڀ کان وڏي ميلي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان جي نمائيندگي ڪري اهو پيغام ڏنو هو ته پاڪستاني فنڪار به ڪنهن کان گھٽ ناهن. ماهرا خان جي ڪانز فيسٽيول ۾ سهڻي لباس سميت اسٽائل کي پاڪستان ۽ ڀارت سميت عالمي ميڊيا طرفان به گھڻو ساراهيو ويو هو.

هلندڙ سال ماهرا خان جي ڪانز فيسٽيول ۾ شرڪت نه ڪرڻ سان سندس جا چاهيندڙ مايوس ٿيا، پر ماهرا خان جي چاهيندڙن لاءِ خوشخبري آهي جو  ماهرا خان ڪانز ۾ ته شرڪت نه ڪري سگھي پر هلندڙ سال ٿيندڙ پيرس فيشن ويڪ جو حصو بڻبي، جڏهن ته ٿوري وقت واري پاڪستاني فلم “راني” جي به ڪانز فيسٽيول ۾ اسڪريننگ ڪئي ويندي.

The post ماهرا خان پيرس فيشن ويڪ 2019ع جو حصو بڻجندي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages