اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته لاڪ ڊائون کولڻ کان اڳ حڪمت عملي جوڙي وڃي هي ته ڪورونا متاثرن جو انگ نه وڌي ها.
ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن ۽ فوتين جي انگ ۾ واڌ تي افسوس جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو آهي ته لاڪ ڊائون لڳائڻ ۽ کولڻ کان اڳ حڪمت عملي هجي ها ته متاثرن جي انگ ۾ ايتري واڌ نه ٿئي ها، وري به چئي رهيو آهيان ته وڌيڪ وقت ضايع نه ڪيو ۽ گڏيل قومي پاليسي جوڙيو، بنا دير گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائي حالتن جو جائزو ورتو وڃي ۽ صورتحال کي ڏسندي نئين سر حڪمت عملي جوڙي وڃي.
هن چيو ته پڇتائڻ، هٿ هڻڻ ۽ تقدير جو لکيو چوڻ ڪا پاليسي ناهي، قوم کي ٻڌايو وڃي ته اسپتالن ۾ مريضن جي وڌندڙ انگ کي ڏسندي حڪومت وائرس جي روڪٿام لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي وڃي، بهترين احتياطي اپائن سان وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته وقت تيزيءَ سان گذري رهيو آهي، حالتن موجب لاڳاپيل پهلوئن تي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن گهٽ کان گهٽ نقصان ٿئي، عوام کي اپيل آهي ته احتياط ڪري نه ته حالتون هٿن مان نڪري وينديون.
The post ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، شهباز شريف جي حڪومت تي تنقيد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment