آبادگار پريشان آهن ۽ وزيراعظم نٿيا گلي جون تصويرون جاري ڪري رهيو آهي: احسن اقبال - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 26, 2020

آبادگار پريشان آهن ۽ وزيراعظم نٿيا گلي جون تصويرون جاري ڪري رهيو آهي: احسن اقبال


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ ماڪڙ لکين ايڪڙن تي فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن، آبادگار پريشان آهن ۽ وزيراعظم نٿيا گلي جون تصويرون جاري ڪري رهيو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته ڪاش وزيراعظم ايمرجنسي لڳائي پنهنجي آفيس ۾ ويهي ها، نااهل ۽ نالائق حڪومت هر ڏينهن ملڪ لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهي آهي، انهن وٽ اهي مشينون ئي ناهن، جن سان ماڪڙ جو خاتمو ٿئي.

هن مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت آبادگارن جي نقصان جو بنا دير ازالو ڪري، ماڪڙ خلاف تڪڙو قومي ايڪشن پلان جوڙي قومي اسيمبلي کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ هارين کي رليف پيڪيج ڏنو وڃي.

سندس چوڻ هو ته اڄ پاڪستان جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، ڪورونا کان اڳ به ملڪي معيشت جو ڏيوالو نڪري ويو هو، حڪومت رڳو مخالفن جا پٽڪا لاهڻ ۾ پوري آهي، حڪومت سان رابطو ڪرڻ تي آبادگارن کي چيو ويندو آهي ته فصلن ۾ دُهل وڄايو.

احسن اقبال وڌيڪ چيو ته اسان جو انتظامي ڍانچو نيب هٿان مفلوج ٿي چڪو آهي، آفيسرن کي جئين نيب طرفان گهرائي ڊيڄاريو ويو آهي، ان سان انتظامي بحران آهي، ان وقت ٻيو ڪو رستو ناهي سواءِ ان جي ته حڪومت جي موڪلاڻي ڪري نئون مينڊيٽ آندو وڃي.

ن ليگ اڳواڻ چيو جيڪڏهن ملڪ کي بچائڻو آهي ته قومي اتفاق راءِ سان نيون چونڊون ڪرايون وڃن، نيب جو قانون ڪارو آهي، جيڪڏهن ملڪ کي هلائڻو آهي ته ان کي آئين موجب ٺاهڻو پوندو، 18هين ترميم ۽ نيب قانون جي پاڻ ۾ ڪا لنڪ ناهي، ن ليگ اهڙي ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻجندي، جنهن سان صوبن جي حقن تي ڌاڙو لڳي.

The post آبادگار پريشان آهن ۽ وزيراعظم نٿيا گلي جون تصويرون جاري ڪري رهيو آهي: احسن اقبال appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages