پاڪ – ڀارت مقابلو… آءِ سي سي جا ٻئي هٿ مٿي تي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 22, 2019

پاڪ – ڀارت مقابلو… آءِ سي سي جا ٻئي هٿ مٿي تي


 

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت مقابلي جي حوالي سان انگلينڊ ۾ امڪاني سيڪيورٽي خطرن کي نظر ۾ رکندي حڪمت عملي جوڙي ورتي ۽ ميگا ايونٽ جي سڀ کان وڏي ميچ دوران سيڪيورٽي آفيسر مقرر ڪيا ويندا. رپورٽن موجب روايتي مخالفن وچ ۾ 16 جون تي مانچسٽر جي اولڊ ٽريفورڊ گرائونڊ ۾ ٿيندڙ ميچ لاءِ شوقينن ۾ جوش ۽ جذبو عروج تي آهي. ميچ ۾ شوقينن جي دلچسپي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان مقابلي کي ڏسڻ لاءِ 5 لک ڪرڪيٽ شوقينن درخواستون ڏنيون، جڏهن ته اسٽيڊيم ۾ تماشائين جي ويهڻ جي گنجائش رڳو 25 هزار آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ميچ لاءِ هٿياربند آفيسر مقرر ڪيا ويندا، سيڪيورٽي اهلڪارن جي مقرري به وڌائي ويندي. اسٽيڊيم جي چوڌاري آبادي رهندڙ آبادي جي اچ وڃ جي به نگراني ڪئي ويندي. پوليس مقامي پاڪستاني ۽ ڀارتي ڪميونٽيز جي جاچ به مڪمل ڪئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ صورتحال باوجود برطانيا ۾ پاڪ-ڀارت ڪميونٽيز وچ ۾ نفرت ڏسڻ ۾ ناهي ايندي.

The post پاڪ – ڀارت مقابلو… آءِ سي سي جا ٻئي هٿ مٿي تي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages