اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) معاشي مضبوطي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن جي مڪمل حمايت ڪئي آهي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هٿياربند فوجن جا سربراهه، انٽيليجنس اختياريون ۽ وفاقي وزير شريڪ ٿيا.
پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ پاڪ-افغان بارڊر تي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ملڪ جي اندرين توڙي ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال سميت نيشنل ايڪشن پلان عمل درآمد جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي خطي ۾ ٿيل تازن واقعن کان پوءِ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ ملڪ جي موجوده اقتصادي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته قومي سلامتي ڪميٽي معاشي مضبوطي لاءِ کنيل قدمن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ خطي ۾ امن جون ڪوششون جاري رکڻ جو به عزم ڪيو ويو.
قومي سلامتي ڪميٽي جو گلگت بلتستان سڌارن جي حوالي سان الڳ سيشن ٿيو، جنهن ۾ اٽارني جنرل انور منصور، گلگت بلتستان جي وڏي وزير عبدالحفيظ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن سيڪريٽريز به شرڪت ڪئي.
وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان بابت فيصلا ڪرڻ وقت اتان جي عوام جي راءِ کي اهميت ڏني وڃي.
نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي اجلاس کان اڳ وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ ڌار ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
The post قومي سلامتي ڪميٽي معيشت بابت کنيل قدمن جي حمايت ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment