ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرياڻي ندا ڊار ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين ففٽي هڻندڙ ايشيا جي پهرين رانديگرياڻي بڻجي وئي. گوجرانوالا سان واسطو رکندڙ ندا ڊار ڏکڻ آفريڪا خلاف چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 20 بالن تي 3 ڇڪن ۽ پنج چوڪن جي مدد سان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ٻي تيز ترين ففٽي ٺاهڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. ندا ڊار ميچ ۾ جارحاڻي اننگز کيڏي ۽ مجموعي طور تي 37 بالن تي 75 رنسون ٺاهيون. واضح رهي ته انگلينڊ جي صوفي ڊوائن 18 بالن تي ففٽي ٺاهي ان فهرست ۾ پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته ندا ڊار هاڻ ٻئي نمبر تي اچي وئي آهي پر هوءَ اهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ پهرين ايشيائي رانديگرياڻي آهي.
The post ندا ڊار تيز ترين ففٽي هڻندڙ پهرين ايشين ڪرڪيٽر بڻجي وئي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment