هوا ۾ ڊرون ۽ زمين تي ڪار بڻجي ويندڙ روبوٽ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 22, 2019

هوا ۾ ڊرون ۽ زمين تي ڪار بڻجي ويندڙ روبوٽ


تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ڪجهه مهينا اڳ پاڻي ۾ ترندڙ ۽ هوا ۾ اڏامندڙ ڊرون جو ذڪر ٻڌڻ ۾ آيو هو ۽ هاڻي اسرائيلي ماهرن اهڙو ڊرون ٺاهيو آهي جيڪو هڪ پاسي ته هوا ۾ اڏامندو آهي ۽ ٻي پاسي زمين تي ڪار جيان هلندو آهي.

اهو ڪواڊڪاپٽر قسم جو ڊرون آهي. اهو ڊرون جيئن ئي زمين تي لينڊ ڪندو آهي ته ان جون پروپليز ٻانهو نڪري ڦيٿن جي شڪل اختيار ڪنديون آهن. ان تي لڳل چار پروپيلر (پر) ان کي مٿي اٿڻ جي قوت فراهم ڪندا آهن ۽ ڊرون ڪنهن به رخ ۾ سولائيءَ سان اڏام ڀريندو آهي.

پروپيلر جي ٻانهن سان گڏ چار ڦيتا به لڳل آهن جنهن تي برش ليس موٽرين لڳل آهن جيڪي پروپيلر کي ڦيٿن جي صورت ۾ هلائيندا آهن ۽ ڪار اٺ فٽ سيڪنڊ جي رفتار سان ڊوڙندي آهي.  زمين تي لهندي ئي ان جا پروپيلر کلي ڦيٿن جي شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن. اهڙيءَ ريت ڪنهن به رڪاوٽ جي صورت ۾ به اهي اڳتي وڌي ويندا آهن.

اهو هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ تي 20 منٽن تائين فعال رهندو آهي ۽ ان کي ڪنهن حادثي بعد ڳولا ۽ (سرچ ريسڪيو) جي ڪمن ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو. اهو ڪنهن به هنڌ سولائيءَ سان 400 ڪلو گرام وزني شيءِ، دوا يا خوراڪ کڻي وڃي سگھي ٿو. مختلف ڪمن لاءِ ڊرون روبوٽ جي ڪيترن ئي ورجنس تي ڪم ٿي رهيو آهي.

بين گوريو يونيورسٽي سان وراسطو رکندڙ پروفيسر ڊيوڊ زروڪ جو چوڻ آهي ته ايندڙ مرحلي ۾ بهتر پروگرام ۽ الگورٿم ٺاهي ان جي رفتار ۽ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهجي ٿو.

The post هوا ۾ ڊرون ۽ زمين تي ڪار بڻجي ويندڙ روبوٽ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages