الينوائي (ويب ڊيسڪ) ٻين بيمارين جيان ڦڦڙن جي ڪينسر کي جيڪڏهن شروعاتي درجي ۾ ڄاڻيو وڃي ته ان سان مريض جي حياتي بچائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي. ان ڏس ۾ گوگل طرفان تيار ڪيل آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) پروگرام ذريعي نه رڳو درست سڃاڻپ ڪئي وئي آهي پر پهرين درجي ۾ ان پروگرام ريڊيولاجي ماهرن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
مصنوعي ذهانت جي ترقي کان ڪيترن ئي شعبن سميت طب ۾ غير معمولي ڪم ورتا پيا وڃن خاص ڪري ڇاتي، جلد ۽ ٻچي داني جي ڪينسر ۾ اي آءِ مان گھڻي مدد ملي آهي ۽ اهڙن ڪمپيوٽر پروگرامن جي مدد سان بروقت ۽ درست تشخيص ۾ گھڻي مدد ملي آهي.
ان ڪري ڪمپيوٽر پروگرامن کي اڳ ۾ صحتمند ۽ پوءِ ڪينسر جي متاثر مريضن جا هزارين ايڪسرا، اسڪين ۽ تصوير ڏيکاريون وينديون آهن جنهن کي ڪمپيوٽر پڙهي پنهنجي پروگرام جي ڄاڻ ۾ واڌ ڪندو آهي. ان کان پوءِ هزارين تصويرون ڏسي پاڻ ڪمپيوٽر پروگرام هڪ ماهر بڻجي ويندو آهي. هزارين طبي تصويرون ۽ اسڪين ڏسڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر پروگرام اهڙيون معمولي تبدليون به نوٽ ڪري سگهندو آهي جنهن کي انساني اک نظرانداز ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙيءَ ريت مرض جي شروعاتي درجي ۾ ئي سڃاڻپ ڪري سگھجي ٿي.
گوگل اي آءِ ايلگورٿم سيني جا 45 هزار ايڪسري ڏسي پنهنجو ڊيٽا بيس ۽ پروگرام جوڙيو جيڪو نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ۽ اتر اولهه يونيورسٽي کان ورتا ويا هئا. ان ۾ ڪيترا مريض ڪينسر جي مختلف درجن ۾ هئا. سافٽ ويئر سي ٽي اسڪين جا ٿري ڊي ماڊل به ٺاهيا ۽ معمولي تبديلين کي نوٽ ڪري بيماري جي اڳڪٿي به ڪئي. ان جي درستگي جو درجو اهڙو ئي هو جيڪو 6 ريڊيالوجي مهرن جي بورڊ ڪري سگھي ٿو. پنهنجي سڄي عمل ۾ سافٽ ويئر ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ ڪيس پڪڙڻ ۽ غلط تشخيص جي شرح 11 سيڪڙو گھٽ هئي.
ان رپورٽ کي ٻين ماهرن به گھڻو ساراهيو آهي. ان تي ڪم ڪندڙ سائنسدانن جو خيال آهي ته ان سان ڪيترن ئي اهڙن مرضن ۾ بيماري جي سڃاڻپ ۾ مدد ملندي جيڪي پنهنجي مرض کان غافل آهن ۽ اهڙي ريت انهن جي حياتي بروقت بچائي سگھجي ٿي.
The post گوگل جي ”اي آءِ“ پروگرام ڪينسر جي سڃاڻپ ۾ انساني ماهرن کي مات ڏئي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment