فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ساهيانوالا جي خانگي فيڪٽري ۾ چيني آفيسر مبينا طور مقامي پورهيت کي ٻرندڙ بٺي ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيو.
فيصل آباد جي خانگي فيڪٽري ۾ چيني آفيسر پورهيت شهزور کي ڪم سمجهه ۾ نه اچڻ تان ٻرندڙ بٺي ۾ ڍڪو ڏنو، شهزور کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ الائيڊ اسپتال فيصل آباد نيو ويو آهي، پوليس چيني آفيسر کي گرفتار ڪري جاچ جي شروع ڪري ڇڏي آهي.
سي پي او اظهر اڪرام ٻڌايو ته چيني شهري کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪنداسين، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن.
فيڪٽري ۾ شهزور جي ساٿي پورهيتن احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي، چيني شخص فيڪٽري ۾ ليبر انچارج جي عهدي تي مقرر آهي.
The post فيصل آباد ۾ چيني آفيسر مقامي پورهيت کي باهه ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment