مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار، عورتن سميت ڪيترائي فوت….! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 16, 2019

مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار، عورتن سميت ڪيترائي فوت….!


چترال(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه صوبي جي ضلعي چترال ۾ مسافر ڪوچ جي حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

مسافر ڪوچ سان حادثو چترال جي علائقي راڳ لشت جي ڀرسان پيش آيو.

مقامي اختيارين ٻڌايو ته مسافر ڪوچ پشاور کان بونير وڃي رهي هئي.

پوليس جو چوڻ هو ته زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن جنهن کي ويجهي اسپتال اماڻيو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:بابوسر ٽاپ ڀرسان بس حادثو، 10 فوجي اهلڪارن سميت 26 ڄڻا فوت

هن ٻڌايو ته مسافر ڪوچ تيز رفتاري جي ڪري حادثي جو شڪار ٿي ۽ راھ لشت جي ڀرسان درياهه ۾ وڃي ڪري.

واضح رهي ته خراب رستن جي ڪري ڪيترائي خوفناڪ حادثا پيش ايندا آهن.

ان ضمن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار گذريل سال سيپٽمبر ۾ چيو هو ته چترال ۾ اچ وڃ جا جيڪي آهن انهن تي گڏهه جو هلڻ به ڏکيو آهي.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ايڪيهين صدي جي هن ترقي يافته دور ۾ به چترال ۾ روڊن جي حالت رحم جوڳي آهي.

The post مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار، عورتن سميت ڪيترائي فوت….! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages