انتظاميا آزادي مارچ ۾ احتجاج ڪندڙ ۽ نه ڪندڙن جي حقن جو تحفظ ڪري…..! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 16, 2019

انتظاميا آزادي مارچ ۾ احتجاج ڪندڙ ۽ نه ڪندڙن جي حقن جو تحفظ ڪري…..!


آزادي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ ف) جي حڪومت مخالف آزادي مارچ جي خلاف داخل درخواستن کي اُڪلائيندي مقامي انتظاميا کي قانون جي موجب معاملو ڏسڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

وفاقي راڄڌاني ۾ عدالت جي چيف جسٽس اطهر من الله مقامي وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ان دوخواست ۾ توهان جي اپيل ڪهڙي آهي، جنهن تي درخواستگذار جواب ڏنو ته مولانا فضل الرحمان آڪٽوبر ۾ حڪومت جي خلاف  آزادي مارچ جو اعلان ڪري رکيو آهي.

ان تي چيف جسٽس پڇيو ته ڇا توهان اِهو چوڻ ٿا چاهيو ته هن کي احتجاج جو حق حاصل ناهي، جنهن تي وڪيل حنيف راهي چيو ته پاليسي جي خلاف احتجاج جو حق آهي جمهوري حڪومت جي خلاف نه، ان تي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته احتجاج ڪنهن به شهر  جو بنيادي حق آهي ان کي ختم نٿو ڪري سگهجي، سڄي دنيا ۾ ڪا به عدالت احتجاج جي حق کي ختم نٿي ڪري سگهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:اجازت کان سواءِ ڪو به ڌرڻو نٿو ڏئي سگھي : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مقامي انتظاميا کي ٻين شهرين جي حقن کي به تحفظ ڏيڻو آهي.

ان موقعي تي عدالت ڌرڻي جي خلاف داخل هڪ ٻي درخواست کي به گڏي ٻڌڻي جو حڪم ڏنو ۽ ڪجهه دير جي لاءِ وقفو ڪري ڇڏيو.

وقفي کان پوءِ جڏهن ٻڌڻي جو آغاز ٿيو ته جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته شهرين جي بنيادي  حقن جي حفاظت ڪرڻ رياست جو ڪم آهي، رياست احتجاج ڪندڙن جي حقن جي حفاظت ڪندي، چيف ڪمشنر ڌرڻي وارن سان رابطو ڪيو آهي، ان ڪري انتظاميا کي ان تي فيصلو ڪرڻ ڏيو، جيڪي احتجاج نٿا ڪرڻ چاهن انهن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ به رياست جي ذميواري آهي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2014ع ۾ ان عدالت احتجاج جي اجازت ڏني، تڏهن انتظاميا کي چيو ويو ته احتجاج ڪندڙن جي حقن کي يقيني بڻايو، مقامي انتظاميا هر ڪنهن جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪندي.

ٻڌڻي دوران عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان حڪومت جي طرفان پيش ٿيا آهيو، جنهن تي وڪيل حفيف راهي جواب ڏنو ته آئون عام شهري طور پيش ٿيو آهيان، ان تي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته توهان جي دليلن مان لڳي رهيو آهي ته توهان حڪومت طرفان پيش ٿيا آهيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:جج وڊيو اسڪينڊل: چيف جسٽس جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج سان ملاقات

گڏوگڏ ئي چيف جسٽس چيو ته حنيف راهي توهان ايتريون درخواستون داخل ڪندا آهيو ڪڏهن مقامي عدالت ۾ خراب ٿيل ماڻهن جي لاءِ درخواست داخل ڪرائجو.

عدالتي ريمارڪس تي وڪيل چيو ته منظر پٺيان حڪومت مخالف احتجاج ڪندڙڻ جي نيت ٺيڪ نٿي لڳي.

بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ مقامي انتظاميا کي معاملو ڏسڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت حڪم ڏنو ته انتظاميا احتجاج ڪندڙن ۽ نه ڪندڙڻ جي حقن جو تحفظ ڪري، انتظامي  ڌرڻي جي اجازت بابت مولانا فضل الرحمان جي درخواست قانون جي موجب اڪلائي.

جنهن سان گڏوگڏ عدالت مولانا فضل الرح۾ان جي آزادي مارچ جي خلاف درخواستن کي اُڪلائي ڇڏيو.

 

The post انتظاميا آزادي مارچ ۾ احتجاج ڪندڙ ۽ نه ڪندڙن جي حقن جو تحفظ ڪري…..! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages