اڌ اگھاڙي تصوير تي شين واٽسن شرمندو…!! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 16, 2019

اڌ اگھاڙي تصوير تي شين واٽسن شرمندو…!!


تصوير

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلين آل رائونڊر شين واٽسن سوشل ميڊيا تي عورت جون اڌ اگھاڙي تصوير لڳائڻ ۽ نسل پرستاڻيون پوسٽيون ڪرڻ تي معافي گھري ورتي.

پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪوئٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي ڪندڙ شين واٽسن شوقينن کان پنهنجي نامناسب پوسٽن تي معافي گھرندي چيو آهي ته منهنجو انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر هيڪ ٿي ويو هو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب شين واٽسن جي شوشل ميڊيا اڪائونٽ جو اسڪرين شاٽ لڳايو جنهن ۾ عورت جي اڌ اگھاڙي تصوير لڳل هئي ۽ ان عورت کي رڳو انڊرويئر پهريل هو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:

ان تصوير سان گڏ شين واتسن جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي فحش ۽ پرستاڻا جملا به لکيا ويا هئا.

 

انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر تي واٽسن جا 20 لک کان وڌيڪ فالورز آهن جن ان پوسٽ تي اڳوڻي آسٽريلين اسٽار کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

واٽسن پنهنجي بيان ۾ چيو ته انسٽاگرام تي ناماسب تصوير لڳائڻ تي آئون سڀني کان معافي گھران ٿو.

هن چيو ته جمعي جي ڏينهن منهنجو ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو هو ۽ اڄ انسٽاگرام اڪائونٽ به هڪ ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: آءِ سي سي زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

هن ان سلسلي ۾ انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو به پوسٽ ڪئي هئي جنهن ۾ هن ان تصوير ۽ نسل پرستاڻن جملن کي نامناسب قرار ڏنو.

The post اڌ اگھاڙي تصوير تي شين واٽسن شرمندو…!! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages