شاهد خاقان عباسي کنڊ تي 20 ارب رپين جي سبسڊي ڏني: شهزاد اڪبر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 27, 2020

شاهد خاقان عباسي کنڊ تي 20 ارب رپين جي سبسڊي ڏني: شهزاد اڪبر


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته ن ليگ کنڊ تي 5 سالن ۾ 29 ارب رپين جي سبسڊي ڏني، جنهن مان رڳو شاهد خاقان عباسي 20 اربن جي سبسڊي ڏني.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته جيئن ئي شگر انڪوائري رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ٿي ته پبلڪ ٿي وئي، رپورٽ ۾ شگر انڊسٽري جي آڊٽ معاملن کي ڏٺو ويو، شگر پروڊڪشن ۾ سموري چوري ۽ لڪائي ويندڙ شين کي هاءِ لائٽ ڪيو ويو، ڪمند جي خريد کان کنڊ جو ٺهڻ ۽ ريڪوري ايشو تائين سڀ ڪجهه رپورٽ ۾ شامل آهي، ايڪسپورٽ سبسڊي کان ويندي 5 سالن جي سبسڊي کي اسٽڊي ڪيو ويو.

هن چيو ته 29 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي، جنهن مان 2.4 اربن جي سبسڊي پنجاب کي ڏني وئي، جڏهن ته 26.6 اربن جي سبسڊي ن ليگ ڏني، رڳو شاهد خاقان عباسي 20 اربن جي سبسڊي ڏني، شاهد خاقان پاڻ کي لائق اعظم سمجهندو آهي، هن جي سبسڊي تي ڪميشن رپورٽ جو صفحو 62 چئي ٿو ته 28 مارچ 2017 تي 4 لک ميٽرڪ ٽن ايڪسپورٽ جو ڪيس ايندو آهي، اها ڪميشن شاهد خاقان عباسي جي باري ۾ لکي ٿي ته اهو ڌاڙو سليمان شهباز شگر ملز ايسوسيئيشن سان گڏجي ڪيو ۽ 20 ارب رپين جي سبسڊي تڪڙ ۾ ڏني وئي، جيڪڏهن ضابطي موجب هلجي ها ته 7 ارب رپين جي بچت ٿيڻي هئي، جڏهن ته شاهد خاقان عباسي ان سبسڊي جي معاملي تي مطمئن نه ڪري سگهيو.

سندس چوڻ هو ته ان سبسڊي پويان سڀ کان وڏو سهولتڪار سليمان شهباز هو پر شاهد خاقان فرمائي ٿو ته مان زندگي ۾ سليمان شهباز سان ٻه ٽي ڀيرا مليس، ڇا ائين ٿي ٿو سگهي؟ جيڪي چون ٿا رمضان شگر ملز بند آهي، اهي رپورٽ پڙهن، رمضان شگر ملز ۾ شهباز شريف فيملي جا شيئر آهن، جڏهن ته اسان جي جماعت جي ڪنهن فرد جيڪڏهن فائدو کنيو ته ان جا سمورا تفصيل عوام جي سامهون آهن.

شهزاد اڪبر موجب مراد علي شاهه هڪ ٻيو لائق اعظم آهي، اومني گروپ کي سڀ کان وڌيڪ سبسڊي ملي، جڏهن ته سنڌ ڪابينا ۾ به ڪو ان سبسڊي جي حق ۾ نه هو، ڇو ته اتي آبادگار ويٺا آهن، سنڌ ۾ وڌيڪ ملن وارن کي سبسڊي اڳ ۾ ڏني وئي، 4.1 بلين مان اومني گروپ کي 1.3 بلين ڏني وئي.

The post شاهد خاقان عباسي کنڊ تي 20 ارب رپين جي سبسڊي ڏني: شهزاد اڪبر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages