هندوتوا جي علمبردار مودي سرڪار پاڙيسري ملڪن لاءِ خطرو بڻجي رهي آهي: وزيراعظم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 27, 2020

هندوتوا جي علمبردار مودي سرڪار پاڙيسري ملڪن لاءِ خطرو بڻجي رهي آهي: وزيراعظم


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مودي انتهاپسند حڪومت خطي جي امن لاءِ خطرو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته والاريل ڪشمير جي آزاد حيثيت ختم ڪرڻ چوٿين جنيوا ڪنوينشن تحت جنگي ڏوهه آهي، مودي حڪومت ڀارت ۾ رهندڙ اقليتن لاءِ خطرو آهي.

هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن کي ٻئي درجي جو شهري قرار ڏنو پيو وڃي، مودي انتهاپسند حڪومت سڄي خطي جي امن لاءِ خطرو آهي، هندوتوا جي علمبردار مودي حڪومت پاڙيسري ملڪن لاءِ خطرو بڻجي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته تڪراري شهريت ايڪٽ کانپوءِ بنگلاديش، چين ۽ نيپال کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته مودي حڪومت پاڪستان کي به ڪوڙي فليگ آپريشن جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.

The post هندوتوا جي علمبردار مودي سرڪار پاڙيسري ملڪن لاءِ خطرو بڻجي رهي آهي: وزيراعظم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages