![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2020/05/suicide.jpg)
![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2020/05/suicide.jpg)
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي سيريل ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا آپگھات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر اندور جي رهواسڻ ۽ ممبئي ۾ مختلف ٽي وي سيريلز ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا پريڪشا مهتا آپگھات ڪري ڇڏيو.
25 ورهين جي اداڪارا ذهني دٻاءَ جو شڪار هئي، ۽ ڪورونا وائرس جي روڪ ٿام لاءِ لڳايل لاڪ ڊائون سبب ڪم نه ملڻ ڪري پريشاني جو شڪار هئي.
اندور پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس موت جو درست ڪارڻ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته اداڪارا ڪيريئر سبب آپگھات ڪيو آهي يا ڪو ٻيو سبب آهي.
هوڏانهن سريئل ڪرائيم پيٽرول جي اداڪارا پريڪشا مهتا جي گھرڀاتين به اهو ئي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪم نه ملڻ ڪري اداڪارا آپگھات ڪرڻ تي مجبور ٿي، پوليس موجب اهو واقعو اندور جي هيرا نگر پوليس اسٽيشن جي علائقي بجرنگ نگر ۾ پيش آيو، اداڪارا رات رات جو دير سان ڦاهو کائي آپگهات ڪيو.
اداڪارا جي پيءُ ميڊيا کي ٻڌايو ته ممبئي ۾ هوءَ هڪ ٽي وي سيريل ۾ ڪم ڪري رهي هئي، ان دوران لاڪ ڊائون ٿيو ۽ کيس ڪم ڇڏي گھر موٽي اچڻو پيو، جيئن ته ممبئي ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌندو پيو وڃي ۽ لاڪ ڊائون لاڳيتون جاري رکيو ويو آهي، امڪان آهي ته هو ان ڪري ڊپريشن ۾ اچي وئي هجي.
اداڪارا پريڪشا مهتا سڀ کان اڳ ڊراما ڪلاسڪ افسانه نويس سعادت حسن منٽو جي ڊرامي “کول دو” ۾ ڪم ڪيو هو، جنهن سبب کيس زبردست موٽ حاصل ٿي هئي، ان کان پوءِ هن ڪيترن ئي ٻين ڊرامن ۾ ڪيو، ۽ ڪيترائي ايوارڊ پڻ کٽيا.
The post مشهور ڀارتي اداڪارا آپگھات ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment