عاصم اظهر جو پهريون بالي ووڊ گيت رليز - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 27, 2020

عاصم اظهر جو پهريون بالي ووڊ گيت رليز


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نوجوان گلوڪار عاصم اظهر پنهنجو پهريون بالي ووڊ گيت “همراهه“ رليز ڪري ڇڏيو.

عاصم اظهر ڪجهه ڏينهن اڳ گيت جو ٽيزر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي پنهنجن مداحن کي خوشخبري ڏني هئي ته هو عيد جو تحفو ڏيندي پنهنجو پهريون بالي ووڊ گيت رليز ڪندو جيڪو هاڻ يوٽيوب تي رليز ٿي چڪو آهي.

عاصم اظهر پاران جاري ڪيل بالي ووڊ جي پهرين گيت “همراهه“ کي يوٽيوب تي 17 ڪلاڪن ۾ ئي 3 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي جڏهن ته اهو گيت پاڪستان جي يوٽيوب ٽرينڊنگ تي به نظر اچي رهيو آهي.

 

نوجوان گلوڪار عاصم اظهر جو گيت بالي ووڊ فلم ملنگ ۾ شامل آهي جنهن هن پنهنجي آواز جو جادو جاڳائڻ سان گڏوگڏ گيت جي موسيقي به پاڻ ئي ترتيب ڏني آهي.

The post عاصم اظهر جو پهريون بالي ووڊ گيت رليز appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages