جي ايف 17 ٿنڊر نئين ريڊار سان مارچ 2020ع تائين آپريسن ٿيندو: ايئر چيف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 16, 2019

جي ايف 17 ٿنڊر نئين ريڊار سان مارچ 2020ع تائين آپريسن ٿيندو: ايئر چيف


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مجاهد انور خان چيو  آهي ته جديد ترين ويڙهاڪ جهاز جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ ٽي جي تياري هلندڙ سال شروع ٿيندي، جڏهن ته هوائي فوج ۾ وڌيڪ ٽي جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ ٻه جهاز جون ۾ شامل ٿي ويندا. پرڏيهي مئگزين کي انٽرويو ڏيندي ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان چيو ته جديد ترين ويڙهاڪ جهاز جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ ٽي جي تياري هلندڙ سال شروع ٿيندي، اهڙو ريڊار تيار ڪندڙ ٻن چيني ڪمپنين مان هڪ جي چونڊ جلد ڪئي ويندي ۽ اميد آهي ته جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ 3، نئين ريڊار سان مارچ 2020ع تائين آپريشنل ٿي ويندو.  هن چيو ته هوائي فوج ۾ وڌيڪ 3 جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ 2 جهاز جون ۾ شامل ٿي ويندا، جي ايف 17 ٿنڊر جي شموليت سان بلاڪ ٽو جهازن جي کيپ مڪمل ٿي ويندي.  سندس چوڻ هو ته تربيتي معاملن لاءِ ٻن سيٽن وارو جي ايف 17 ٿنڊر بي به شامل ڪيو پيو وڃي، جي ايف 17 ٿنڊر بلاڪ ٽو جهاز مقامي سطح تي تيار ڪيل آهي.

The post جي ايف 17 ٿنڊر نئين ريڊار سان مارچ 2020ع تائين آپريسن ٿيندو: ايئر چيف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages