احسن خان، ريشم جي بهترين دوستن مان هڪ…! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, July 31, 2020

احسن خان، ريشم جي بهترين دوستن مان هڪ…!


 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم ۽ ٽي وي انڊسٽريءَ جي ناليواري اداڪارا ريشم اداڪار احسن خان کي پنهنجو سچو دوست قرار ڏئي ڇڏيو.

اداڪارا ريشم انسٽاگرام تي ڪجهه تصويرون جاري ڪيون آهن، جن ۾ هن سان گڏ ناليوارو اداڪار احسن خان به موجود آهي.

تصويرن سان گڏ ريشم دوستي جي حوالي سان انگريزي جو هڪ مشهور قول به لکيو آهي، جنهن جو ترجمو آهي ”توهان دوست اهو ئي هوندو آهي، جيڪو سُک توڙي ڏُک ۾ توهان سان گڏ هجي، جيڪو توهان جي دولت يا غربت ڏسي توهان سان دوستي ناهي ڪندو پر توهان جو اخلاق ۽ نيڪ نيتي ڏسي دوستي جو هٿ وڌائيندو آهي.

ريشم، احسن خان کي مخاطب ڪندي لکيو ته ”ان دوست سان تمام سٺو وقت گذريو ۽ منهنجي دعا آهي ته سدائين خوش رهي“.

The post احسن خان، ريشم جي بهترين دوستن مان هڪ…! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages