حالتون خراب رهيون ته وڌيڪ وينٽي ليٽر گهربل هوندا: اين ڊي ايم اي چيئرمين - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 26, 2020

حالتون خراب رهيون ته وڌيڪ وينٽي ليٽر گهربل هوندا: اين ڊي ايم اي چيئرمين


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته وينٽي ليٽرن جي حوالي سان اسان جي تياري مڪمل آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ وينٽي ليٽرن جي ضرورت پوندي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته اڃا وڌيڪ شهرن ۾ وينٽي ليٽر 50 سيڪڙو کان وڌيڪ استعمال ناهن ٿيا پر حالتون خراب رهيون ته جون جي آخر تائين 2 هزار وينٽي ليٽر گهربل هوندا.

هن ٻڌايو ته 31 مئي تائين اسان وٽ وڌيڪ 585 آءِ سي يو وينٽي ليٽر موجود هوندا، اين ڊي ايم اي 1310 وينٽي ليٽرن جو آرڊر ڏنو آهي، آمريڪا به 200 وينٽي ليٽرن جي فراهمي جي آڇ ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته پبلڪ سيڪٽر جي 365 اسپتالن کي ڪورونا لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪي وينٽي ليٽر اسپتالن ۾ ويندا، اتي اسٽاف جي ٽريننگ معاهدن ۾ شامل آهي، جڏهن ته 3 سالن تائين وينٽي ليٽرن جي مرمت به معاهدي ۾ شامل آهي.

ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل موجب 30 وينٽي ليٽر بنا دير پشاور کي فراهم ڪيا ويندا، فيصل آباد ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ 12 وينٽي ليٽر آهن، جن مان 5 تي مريض آهن، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 128 ماڻهو وينٽي ليٽرن تي آهن.

The post حالتون خراب رهيون ته وڌيڪ وينٽي ليٽر گهربل هوندا: اين ڊي ايم اي چيئرمين appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages