نالائق وزيراعظم کي وزيراعظم نٿي مڃان: مريم نواز: مريم نواز - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 22, 2019

نالائق وزيراعظم کي وزيراعظم نٿي مڃان: مريم نواز: مريم نواز


بهاولپور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ن جي نائب صدر مريم نواز بهاولپور جو دورو ڪيو،  جتي هن پارٽي اڳواڻ بليغ الرحمان جي پٽ ۽ گهرواري جي حادثي ۾  وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ ڪارڪنن کي خطاب پڻ ڪيو آهي.

مريم نواز ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ حد کان وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي.مون سان هڪ غريب عورت ملاقات ڪئي آهي جنهن جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي گهرن ۾ ڪپڙا ڌوئيندي آهيان ۽ مهيني ۾ ويهه هزار رپيا ڪمائي وٺندي آهيان،  پر بجليءَ جو بل پنجويهه هزار آيو آهي، هڪ ڪمرو آهي ان ۾ هڪ پکو آهي ۽ ڪجهه بتيون آهن، هوءَ چوي ٿي ته ماني کائون، بل ڏيون، دوائون وٺون، ٻارن جون فيسون ڏيون ڇا ڪيون.

مريم نواز جو چوڻ هو ته مان دلي ڏک جو اظهار ڪرڻ چاهيان ٿي ته منهنجي ڀاءَ سان ڏاڍو وڏو سانحو ٿيو آهي. سندس چوڻ هوته هتي پنهنجي ڀاءَ وٽ آئي آهيان ۽ ميان صاحب جي نمائندگي به ڪري رهي آهيان،  بليغ الرحمان لاءِ نواز شريف کي ڏاڍو ڏکارو ڏٺو اٿم.

The post نالائق وزيراعظم کي وزيراعظم نٿي مڃان: مريم نواز: مريم نواز appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages