لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز جي رمضان شگر ملز ريفرنس ۾ جوڊيشل ريمانڊ ۾ 30 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي .
حمزه شهباز کي جوڊيشل ريمانڊ ختم ٿيڻ تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو پر مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف پنهنجي خلاف ريفرنس ۾ بيماري جي ڪري پيش نه ٿي سگهيو.
احتساب عدالت شهباز شريف جي حاضري کان معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي.
پيشي کان اڳ عدالت جي ڪمري ڏانهن ويندي حمزه شهباز ۽ سپرنٽنڊنٽ پوليس جي چ ۾ تلخ ڪلامي به ٿي.
واضح رهي ته قومي احتساب بيورو مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز جي خلاف رمضان شگر ملز ڪيس ۾ نئون ريفرنس داخل ڪيو هو.
هي به پڙهي سگهو ٿا:حمزه شهباز جي ريمانڊ ۾ 14ڏينهن واڌ …..!
ان نئين ريفرنس موجب شهباز شريف ۽ حمزه شهباز رمضان شگر مل جي لاءِ غير قانوني طور تي نالو اڏايو هو.
ريفرنس ۾ چيو ويو هو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز طرفان ان نالي جي اڏاوت سان قومي ناڻي کي 21 ڪروڙ 30 لک رپين جو نقصان ٿيو، ان ڪري عدالت کان اپيل آهي ته هو انهن جوابدارن کي سزا ڏئي.
ان نئين ريفرنس کان اڳ به شهباز شريف جي خلاف آشيانه اقبال هائوسنگ اسڪينڊل ۽ رمضان شگر مل ڪيسز داخل ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ کين گرفتار به ڪيو ويو هو.
ان کان اڳ حمزه شهباز ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائڻ لڳو ته ايس پي ڀرسان اڳتي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي حمزه شهباز ڪاوڙجي پيو.
ايس پي چيو ته ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه نه ڪيو.
جنهن تي حمزه شهباز چيو ته توهان پوئتي ٿي وڃون مون کي نه ٻڌايو ته ڇا ڪرڻا آهي.
هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته غريب وٽ ماني ناهي ۽ بيمار وٽ دوا ناهي.
حمزه شهباز چيو ته الله تعاليٰ هن ملڪ تي رحم ڪري اِها تبديلي ڏاڍي مهانگي پئجي رهي آهي.
هن چيو ته اسان 25 سالن کان اِهي ڳالهيون ٻڌي رهيا آهيون ته اسان سڀ هڪ آهيون
ٽوئيٽ
ان کان سواءِ احتساب عدالت جي ٻاهران حمزه شهباز جي پيشي جي موقعي تي پليس اهلڪار ميڊيا نمائندن تي تشد جا 2 واقعا به پيش آيا.
سوشل ميڊيا تي وائرل ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پنجاب پوليس جا اهلڪار فوٽو جرنلسٽ کي چماٽ هنئي.
انشاءاللہ آزادی مارچ میں شامل ہونگے.غریب کے پاس روٹی نہیں بیمار کے پاس دوائی نہیں.ادویات کی قیمتوں میں اضافہ ہوچکا ہے اللہ تعالٰی اس قوم پہ رحم کرے یہ تبدیلی قوم کو بہت مہنگی پڑی ہے.حمزہ شہبازشریف pic.twitter.com/T9kd5caYhI
— PML(N) (@pmln_org) October 16, 2019
The post حمزه شهباز جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ…..! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment