آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 17, 2019

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو


دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل( آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ لاءِ هڪ ڪروڙ ڊالرن جي انعام رقم رکي آهي.

آءِ سي سي موجب ورلڊ ڪپ جي ڪامياب ٽيم  کي 40 لک ڊالرن جي انعام رقم ملندي جڏهن ته ٻئي نمبر تي ايندڙ ٽيم 2 ملين يعني 20 لک ڊالر انعا وصول ڪندي.  آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ سيمي فائنل هارائيندڙ ٽيمن کي 8،8 لک ڊالر جڏهن ته ليگ ميچز کٽيندڙ ٽيمن کي 40،40 هزار ڊالر ملندا. واضح رهي ته 2015ع جي ورلڊ ڪپ ۾ به گڏيل انعامي رقم هڪ ڪروڙ ڊالر هئي پر ان وقت ڪامياب ٽيم کي آسٽريليا کي 37 لک 50 هزار جڏهن ته رنز اپ ٽيم نيوزيلينڊ کي 17 لک 50 هزار ڊالر ڏنا ويا هئا.  پر2015ع جي ورلڊ ڪپ فارميٽ تحت ٽورنامنٽ ۾ شڪست جوڳو نه رهڻ جي صورت ۾ ڪامياب ٽيم وڌ کان وڌ 40 لک 20 هزار ڊالر انعامي رقم کٽي سگھندي هئي.  اهڙيءَ ريت موجوده ورلڊ ڪپ 2019ع جي ڪامياب ٽيم کي 2015ع جي ڀيٽ اڍائي رک ڊالر وڌيڪ ملندا.

The post آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages