نفرت جوڳي تقرير ڪرڻ تي پي ٽي ايم اڳواڻ گلالئي اسماعيل خلاف ڪيس داخل - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 23, 2019

نفرت جوڳي تقرير ڪرڻ تي پي ٽي ايم اڳواڻ گلالئي اسماعيل خلاف ڪيس داخل


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فرشتا قتل جي معاملي ۾ نفرت پکيڙڻ تي پي ٽي ايم اڳواڻ گلالئي اسماعيل خلاف دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي شهزاد ٽائون پوليس اسٽيشن ۾ محمد ذيشان نالي شهري جي درخواست تي گلالئي اسماعيل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي واريون شقون شامل ڪيون ويون آهن.  درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گلالئي اسماعيل ڪوڙا الزام هڻي واقعي جو ڪيس حڪومت طرفان موڙي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هن پنهنجي تقرير ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪيا جنهن سان پشتون ڀائرن جي دل ۾ ملڪ ۽ بين قومن خلاف نفرتون پيدا ٿين.  سندس چوڻ هو ته وڊيو مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ پشتونن کي ڄاڻي ٻجهي پاڪستانين ۽ فوج خلاف ڀڙڪائي رهي آهي، وڊيو بيان ۾ پاڪستان جي شهرين جي دل آزاري ٿي آهي.

The post نفرت جوڳي تقرير ڪرڻ تي پي ٽي ايم اڳواڻ گلالئي اسماعيل خلاف ڪيس داخل appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages