

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري نااهل هو، کيس به احتساب جي عمل مان گذرڻ گهرجي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي فواد چوڌري چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس جي ٻن فيصلن ۽ وڪيلن کي 10 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ کانپوءِ هاڻي ملڪ کي هڪ ڏهائي چار رپيه ڏنڊ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ نااهل جج ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿو، ججن جي مقرري واري طريقي ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته معاملو ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ اٿاريو ويو هو، وزيراعظم عمران خان اٽارني جنرل ۽ قانون واري وزارت جي حڪم تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا ججن جي احتساب بابت تجويزون پيش ڪندي. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي حڪومت ۾ ٽن سالن ۾ 10 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ عالمي قانوني ڪيسن ۾ ادا ڪيا، جنهن تي وزيراعظم عمران خان ايڏي وڏي رقم عالمي ڪيسن تي خرچ ڪرڻ جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو ۽ قانون واري وزير جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي خرچن کان بچي سگهجي.
The post افتخار چوڌري نااهل هو، سندس احتساب ٿيڻ گهرجي: فواد چوڌري appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment