

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف اڳيان ليٽي پيو آهي، هي آهي عمران خان جو نئون پاڪستان. لنڊن ۾ هڪ انٽرويو دوران شهباز شريف چيو ته ڪجهه طبي رپورٽون باقي آهن، اميد آهي ته بجيٽ سيشن کان اڳ پاڪستان پهچي ويندس. هن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم گهٽ ذهنيت جو مالڪ آهي، نه ڪم کي ڄاڻي ٿو ۽ نه وري سمجهي ٿو، بدقسمتي سان عمران خان نڪ جي پڪائي سان ڪوڙ هڻندو آهي، پاڪستان جي تاريخ هن کان وڌيڪ ڪوڙو وزيراعظم نه ڏٺو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان پرڏيهه ۾ وڃي پاڪستان بابت اهڙي واويلا ڪئي جو سمورو معاشي ماحول تباهه ٿي ويو، پهريون ايمنسٽي اسڪيم خلاف هو هاڻي پاڻ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻ جي دعويٰ ڪندڙ ان ئي اداري جي ماڻهن کي اهم پوزيشن تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف کان پهريون اهڙي ڪيس جي ڊڪٽيشن ڪنهن نه ورتي آهي، پاڪستان آءِ ايم ايف اڳيان جهڪي پيو آهي اهو ئي آهي عمران خان جو نئون پاڪستان. شهباز شريف چيو ته معيشت بدترين حالتن جو شڪار آهي، سمنڊ پار ته ڇا مقامي سيڙپڪار به سيڙپڪاري لاءِ تيار نه آهن ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو ملهه گهٽ ڪري 500 ارب رپين جو قرض چاڙهيو ويو آهي، ڊالر مهانگو ڪري معيشت جو قتل عام ڪيو ويو آهي.
The post ملڪي معيشت بدترين حالتن جو شڪار آهي: شهباز شريف appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment