

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم دعا ڪري ڪراچي ڀرسان سمنڊ ۾ گئس جو وڏو ذخيرو هٿ اچي ويندو، ايندڙ هفتي تائين گئس جا ذخيرا ملڻ جا امڪان آهن.
پشاور ۾ شوڪت خانم اسپتال لاءِ فنڊ ريزنگ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان هر حالتن ۾ ڪم ڪيو ۽ موجوده حالتن ۾ به قوم کي پئسو جمع ڪري ملڪ هلائي ڏيکاريندس.
هن پشاور جي ٽيچنگ اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ صحت واري صوبائي وزير ۾ جهيڙي کانپوءِ هڙتال جي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته سرڪاري اسپتال کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڌارن خلاف مهم هلائي پئي وڃي، شوڪت خانم اسپتال جيان صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ به معيار برقرار رکڻ چاهيون ٿا پر چند ڊاڪٽر انتشار تي ٻڌل مهم هلائي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته سرڪاري اسپتالن ۾ غريب عوام علاج لاءِ ايندو آهي، جتي طبي معيار انتهائي ناقص آهي، تنهن ڪري سرڪاري اسپتالن ۾ بهتر انتظاميا آڻڻ جي ڪوشش آهي ته جيئن طبي سهولتن جو معيار بهتر ٿئي، سرڪاري اسپتالن جي نجڪاري جي پروپئگنڊا ٿي رهي آهي، جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته اهڙو ڪو قدم نه پيو کنيو وڃي.
عمران خان خاطري ڪرائي ته سرڪاري اسپتالن ۾ سڌارن اڳيان ڪنهن جو دٻاءُ قبول نه ڪنداسين، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير کي ڊاڪٽرن سان ڳالهين لاءِ ذميواري سونپي آهي، هر سال عوام دلي خوشي سان شوڪت خانم لاءِ عطيو ڏيندا آهن، شوڪت خانم اسپتال جي آڊٽ رپورٽ جلد اچي ويندي.
وزيراعظم چيو ته ڪينسر جي علاج لاءِ جديد مشين خريدي ويندي، جنهن جي مدد سان شروعاتي درجي جي ڪينسر جي به سڃاڻپ ٿي سگهندي، لاهور ۾ شوڪت خانم اسپتال گذريل 24 ورهين کان غريبن جو مفت علاج ڪري رهي آهي پر هاڻ لاهور جيان پشاور ۾ به شوڪت خانم اسپتال مفت علاج فراهم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته هر سال پاڪستاني قوم گذريل سال کان وڌيڪ عطيا اسپتال کي ڏيندي آهي، 70 ڪروڙ رپين جو شوڪت خانم اسپتال منصوبو شروع ڪيو ته اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ رپيا هئا، پشاور جي شوڪت خانم اسپتال ۾ افغانستان جا به ماڻهو علاج ڪرائڻ ايندا آهن.
The post عمران خان قوم کي آسرو ڏئي ڇڏيو… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment