ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته برطانوي اخبار کي سلمان بٽ جي اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث هجڻ جي ڄاڻ مان نه پر منهنجي دوست ڏني هئي، اڄ ڏينهن تائين سلمان بٽ ۽ ٻيا شڪ ڪندا آهن ته اسان جو ڪيريئر شاهد آفريدي جي ڪري تباهه ٿيو پر مان ته انهن کي سپورٽ ڪندو هيس، سٺو ٿيو جو اهي پڪڙجي پيا.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شاهد آفريدي پنهنجي ڪتاب ”گيم چينجر“ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سلمان بٽ باصلاحيت رانديگر هو، اعجاز بٽ منهنجي سامهون نائب ڪپتان لاءِ 3 نالا رکيا، مان سلمان بٽ کي نائب ڪپتان طور چونڊيو، مان سندس حمايت ڪندو هيس پر جڏهن اسپاٽ فڪسنگ جي خبر پئي ته هو ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، سلمان بٽ چيو مان بي ڏوهه آهيان، ان ڳالهه تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آهي.
هن چيو ته منهنجو اٿڻ ويهڻ انهن سان گڏ هو، ميچ فڪسنگ جي حوالي سان انهن کي ان ڪري نه چيو ته جيئن انهن کي برو نه لڳي، رڳو مان نه پر ٻيا به شڪ ڪندا هئا پر جيستائين ثبوت نه هجي ته ڪجهه نٿو ڪري سگهجي، مون کي ميسيج مليا هئا ۽ مان مئنيجمينٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو، منهنجو ڪم مئنيجمينٽ کي آگاهه ڪرڻ هو، ڇوڪرن کي سمجهائڻ مئنيجمينٽ جو ڪم هو، محمد عامر کي ان ڪري سپورٽ ڪندو آهيان ڇو ته هن سچ ڳالهايو ته مون کان غلطي ٿي وئي، جن جن ڏوهه ڪيو انهن کي سزا به ملي ۽ اهو سٺو ٿيو.
سندس چوڻ هو ان واقعي کانپوءِ اسان جون ننڊون حرام ٿي ويون، مون کي سڀ ڪجهه خبر پيو ته مان ڪاوڙجي پاڪستان هليو آيس، ڄاڻ ملي ته مان چيو ڇڏيون ٿو وڃان توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو، جيڪڏهن مان ڪجهه ڪيو هجي ها ته ڪوڙ جو سهارو نه وٺان ها ڪتاب ۾ لکي ڇڏيان ها.
The post برطانوي اخبار کي اسپاٽ فڪسنگ جي ڄاڻ مان نه ڏني هئي: شاهد آفريدي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment