اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته نيب جو مقصد رڳو وٺ پڪڙ ناهي پر ڪيس کي ڪرڻ ۽ جوابدار کي سزا ڏيارڻ به آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ ڪرپسن ڪيس جي جوابدار عطاالله جي بريت خلف نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي. جوابدار عطاالله تي نيشنل بئنڪ ۾ ڪيشيئر طور ڪرپشن جو الزام هو ۽ کيس هاءِ ڪورٽ چار سال اڳ بري ڪري چڪي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته نيب کي سوچڻ گهرجي ته رڳو ڪيس ٺاهڻ مقصد ناهي ۽ نيب جو مقصد رڳو وٺ پڪڙ ناهي، نيب کي گهرجي ته جنهن تي ڪيس ٺاهي شاهديون به گڏ پيش ڪري. هن چيو ته 19 سالن کان جوابدار کي رڳڙيو پيو وڃي، جوابدار تي جنهن عهدي جي بنياد تي ڪرپشن جو الزام آهي تنهن عهدي جي ڪا به شاهدي ناهي، نيب آخرڪار ڇا ڪندي آهي، ڇا نيب جو ڪم رڳو ڪيس ٺاهڻ آهي. چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته نيب جو مقصد ڪيس ثابت ڪرڻ ۽ جوابدار کي سزا ڏيارڻ به آهي، نيب جي اهڙي رويي سبب ماڻهو ذهني دٻاءَ جو شڪار آهن. سپريم ڪورٽ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار عطاءَ اله جي بريت خلاف نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
The post نيب جو مقصد رڳو وٺ پڪڙ ناهي، ڪيس ثابت ڪرڻ به آهي: چيف جسٽس appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment