

ممبئي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگولي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني ٽيم کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي تازي بيان ۾ سارو گنگولي جو چوڻ هو ته هو پاڪستاني ٽيم کي خاص طور انگلينڊ ۾ کيڏيل آءِ سي سي ايونٽن ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي خطرناڪ سائيڊ سمجهي ٿو. هن چيو ته انگلينڊ ۾ کيڏيل عالمي ايونٽن ۾ پاڪستان جو رڪارڊ شاندار رهيو آهي، هو 2 سال اڳ اتي چيمئينز ٽرافي کٽي چڪا آهن، 2009ع ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به گرين شرٽس انگلينڊ جي سرزمين تي ئي کٽيو هو. اڳوڻي ڀارتي ڪپتان خاص طور تي انگلينڊ ۾ جاري سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ گرين شرٽس ڀرپور ويڙهه ڪئي هئي، هن چيو ته پاڪستاني ٽيم سدائين انگلينڊ ۾ سٺي راند کيڏي آهي، هلندڙ سيريز جي ٻي ون ڊي ڏسو، جتي ميزبان ٽيم 374 رنسون ٺاهيون ۽ مخالف سائيڊ رڳو 12 رنسن تان شڪست کاڌي، هو بالنگ اٽيڪ سبب انگلش ٽيم کي سندن گرائونڊ تي ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست ڏئي چڪا آهن. گنگولي پنهنجي ٽيم کي سٺي نموني ڊيڄارڻ بعد حوصلا افزائي ڪندي چيو ته آئون رڪارڊن تي يقين ناهيان رکندو، ٻنهي ٽيمن کي پنهنجي مخصوص ڏينهن ۾ بهترين راند پيش ڪرڻي پوندي، ڀارت هڪ سٺي ٽيم ثابت ٿيندي، ان کي شڪست ڏيڻ گھڻو ڏکيو هوندو، جنهن ۾ ڪوهلي، روهت ۽ شيکر ڌون جهڙا رانديگر موجود هجن اها ٽيم ڪمزور نٿي ٿي سگھي. هاڻوڪي ڀارتي ٽيم ۽ پنهنجي اڳواڻي هيٺ 2003ع ورلڊ ڪپ جو فائنل کيڏندڙ سائيڊ جي ڀيٽ جي سوال تي گنگولي چيو ته ٻئي ڌار قسمن جون ٽيمون هيون، اسان 2003ع ورلڊ ڪپ جو فائنل کيڏيو ۽ مون کي اميد آهي ته ڪوهلي اليون هاڻي ٽرافي به کٽيندي.
The post سارو گنگولي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment