

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن سمنڊ مان تيل ۽ گئس جا ذخيرا نه ملڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. مسلم ليگ ن جي مرڪزي سيڪريٽريٽ اطلاعات مريم اورنگزيب سمنڊ مان تيل ۽ گئس جا ذخيرا نه ملڻ تي پنهنجي رد عمل چيو ته کيس ۽ مسلم ليگ ن کي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو ته تيل جو ذخيرو نه ملي سگهيو ڇو ته پاڪستان جي معيشت، روزگار ۽ سٺي مستقبل جا خواب اهڙي رٿا سان جڙيل آهن. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۽ قوم جي روشن مستقبل لاءِ اهو منصوبو شروع ڪيو هو، نواز شريف جنهن رٿا تي هٿ رکيو الله تعاليٰ جي برڪت سان پورو ٿيو ۽ ڇو ته سچ ڳالهائيندو آهي ۽ سندس نيت صاف آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان ملڪ ۽ قوم لاءِ خراب خبر آهي جڏهن کان سندس اچڻ جي خبر آئي ملڪ لاءِ ڪابه سٺي خبر نه آهي. مسلم ليگ ن جي ترجمان وزيراعظم کي مشورو ڏنو ته عمران خان صاحب ڪوڙ ڳالهائڻ، الزام ۽ بهتان هڻڻ بند ڪري، ملڪ جون اڌ ڏکيائيون ختم ٿي وينديون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ کي الله تعاليٰ ڪاميابي نه ڏيندو آهي ڇو ته الله تعاليٰ ڪوڙ کي پسند نه ڪندو آهي تنهن ڪري عمران خان صاحب توهان جي ڪوڙ جو ڪيتو قوم ڀوڳي رهي آهي، ڪوڙ سان ملڪ تي مڙهيل ڪوڙن جي اچڻ سان ملڪ مان برڪت کڄي وئي آهي.
The post عمران خان جي ڪاميابي ملڪ ۽ قوم لاءِ خراب خبر آهي: مريم اورنگزيب appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment