مولانا کي جلسو ڪري اسلام باد مان واپس نه وڃڻ گهرجي….! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 17, 2019

مولانا کي جلسو ڪري اسلام باد مان واپس نه وڃڻ گهرجي….!


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل پارٽي جي سربراهه مير حاصل بزنجو چيو آهي ته جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي جلسو ڪري اسلام آباد مان واپس نه وڃڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته هن حڪومت کي گهر موڪلڻ جي لاءِ احتجاج ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته ڪير به اسلام آباد ويهڻ نه ڏيندو، اسلام آباد پهچڻ کان پهرين ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته حڪومتي رد عمل سان ملڪ ۾ ڏڦيڙ جي ڪيفيت پيدا ٿيندي.

حاصل بزنجو چيو ته حڪومت جي اهم وزارتن ۾ ڪا به چونڊيل شخصيت موجود ناهي.

هڪ سوال تي هن چيو ته حڪومت 13 مهينن ۾ معيشت کي ڪاٿي پهچائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن هي حڪومت رهي ٿي ته هتي جيئرو رکڻ ڏکيو ٿي ويندو.

هن چيو ته ان ڪري اسان چئون ٿا ته هن حڪومت کي وڃڻ گهرجي.

سوال جي جواب ۾ مير حاصل بزنجو چيو ته حڪومت کان پوءِ حقيقي چونڊن جو بندوبست ڪرايو وڃي.

نيشنل پارٽي جي سربراهه جو چوڻ هو ته سمورن مخالف ڌر پارٽين جو مطالبو نيون چونڊون  ڪرائڻ آهي.

معيشت بابت سوال تي هن چيو ته معاشي بحران عروج تي آهي، هڪ به رپورٽ ۾ بهتر اشارن جو ذڪر نٿو ملي.

مير حاصل بزنجو پنهنجي دوست جو حالو ڏئي چيو ته ڪراچي پورٽ پنهنجي تاريخ ۾ ايترو خالي ناهي رهيو، جيترو هن حڪومت جي دور ۾ آهي ۽ درآمدات ۽ برآمدات بند ٿي چڪي آهي.

The post مولانا کي جلسو ڪري اسلام باد مان واپس نه وڃڻ گهرجي….! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages