

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 28 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 1115 ٿي ويو آهي، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 53199 تي پهچي چڪو آهي.
ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا سان سڀ کان وڌيڪ 381 فوتگيون خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 354، پنجاب ۾ 324، بلوچستان ۾ 39، اسلام آباد ۾ 12، گلگت بلتستان ۾ 4 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڄڻو لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
تازي صورتحال
اڄ ڇنڇر ڏينهن هيل تائين سڄي ملڪ مان وڌيڪ 1181 ڪيس ۽ 28 فوتگيون به رپورٽ ٿيون آهن، جن مان سنڌ ۾ 762 ڪيس ۽ 14 فوتگيون، پنجاب ۾ 275 ڪيس ۽ 14 فوتگيون، اسلام آباد ۾ 131 ڪيس، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 13 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.
سنڌ
سنڌ ۾ اڄ ڪورونا جا وڌيڪ 762 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 14 فوتگيون به سامهون آيون، جنهن جي تصديق وڏي وزير ڪئي آهي.
سيد مراد علي شاهه موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 762 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 21645 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 14 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 354 تي پهچي چڪو آهي.
هن ٻڌايو ته هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 198 ڄڻا صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7213 ٿي چڪو آهي.
پنجاب
پنجاب ۾ ڇنڇر ڏينهن وڌيڪ 275 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي ۽ 14 فوتگيون به سامهون آيون، جنهن جي تصديق پي ڊي ايم اي طرفان ڪئي وئي آهي.
صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب پنجاب ۾ ڪورونا سان متاثر ٿيندڙن جو ڪُل انگ 18730 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوتين جو گڏيل انگ 324 ٿي چڪو آهي.
اختيارين جو چوڻ هو ته صوبي ۾ هيل تائين 5906 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.
اسلام آباد
اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 131 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جنهن بابت سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو.
پورٽل موجب شهر ۾ ڪورونا ڪيسن جو گڏيل انگ 1457، جڏهن ته فوتين جو انگ 12 آهي، ان سان گڏوگڏ هيل تائين 152 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.
آزاد ڪشمير
آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جي 13 تازن ڪيسن کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 171 ٻڌايو ويو آهي.
سرڪاري پورٽل موجب علائقي ۾ هيل تائين وائرس سان هڪ فوتگي ٿي آهي، جڏهن ته 94 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.
بلوچستان
بلوچستان ۾ جمعي ڏينهن وڌيڪ 124 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 3198 ٻڌايو ويو هو.
صوبي ۾ هيل تائين ان وبا سبب فوتين جو انگ 39 آهي، جڏهن ته 762 ڄڻا ڪورونا کي شڪست ڏئي چڪا آهن.
خيبر پختونخواهه
خيبر پختونخواهه ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ 16 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 381 ٿي ويو هو.
صوبائي صحت کاتي جمعي ڏينهن ڪورونا جا وڌيڪ 236 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 7391 ٻڌايو هو.
خيبر پختونخواهه ۾ هيل تائين 2297 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي چڪا آهن.
گلگت بلتستان
گلگت بلتستان ۾ جمعي ڏينهن وڌيڪ 5 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو انگ 607 ٿي ويو هو.
گلگت بلتستان ۾ ان وبا سان 4 فوتگيون سامهون آيون آهن، جڏهن ته 427 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.
The post ملڪ ۾ اڄ ڪورونا سبب وڌيڪ 28 فوتگيون، 1181 نون ڪيسن جي تصديق appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment