ڪورونا سبب ڪرڪيٽ ۾ روايتن جي  تبديلين کي قبول ڪرڻو پوندو: عابد علي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 26, 2020

ڪورونا سبب ڪرڪيٽ ۾ روايتن جي  تبديلين کي قبول ڪرڻو پوندو: عابد علي


لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽيسٽ ڊيبيو تي  سينچري اسڪور ڪندڙ اوپننگ  بيٽسمين عابد علي چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب ڪرڪيٽ ۾ روايتن ۽ قانونن جي تبديلي کي قبول ڪرڻو پوندو پر هو سينچري بڻائي ڀاڪر پائي ملڻ ۽ بالرن کي روايتي انداز ۾ مبارڪ ڏيڻ کي مس ڪندو.

3 ٽيسٽ ۽ 4 ون ڊي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ 32 ورهين جي عابد علي چيو ته ڪورونا وائرس سبب هاڻ سڀ ڪجهه تبديل لڳي رهيو آهي، زندگي تبديل ٿي رهي  آهي، قانون ۽ روايتون به تبديل ٿي رهيون آهن ۽ ان جا اثر هاڻ راندين جي ميدانن ۾ به نظر اچي رهيا آهن، اسان کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻو آهي ڇو جو ان کان سواءِ ڪو ٻيو رستون نه آهي، هدايتن تي عمل ڪري ئي راندين جون سرگرميون شروع ڪري سگھجن ٿيون.

هن چيو ته سيچري اسڪور ڪرڻ بعد ڀاڪر پائي ملڻ کي مس ڪندس پر خوشي ان ڳالهه جي آهي ته آئون خدا جو ٿورو مڃي سگھندس، مون کي سٺو لڳندو آهي جڏهن ڪو سينچري اسڪور ڪندو آهي يا وڪيٽ حاصل ڪندو آهي ته مون کي ڀرپور انداز ۾ مبارڪ ڏيڻ سٺو لڳندو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀاڪر پائي ملڻ، تاڙي ملائڻ ۽ مٿي تي هٿ گھمائڻ، هاڻ اهو سڀ ڪجهه نه ٿي سگھندو جيڪو آئون گھڻو مس ڪندس پر اسان سڀني کي هڪ ٻئي کي هاڻ پري پري کان ئي مبارڪ ڏيڻي پوندي.

عابد علي وڌيڪ چيو ته تماشائين جي اسٽيڊيم ۾ نه هجڻ سان مونکي گھڻي مايوسي ٿيندي، تماشائين جي گرائونڊ ۾ هجڻ سان وڏي حوصلا افزائي ملندي آهي، ڪارڪردگي ۾ به بهتري ايندي آهي.

هن چيو ته مون کي ياد آهي جڏهن آئون ڊيبيو سينچري ڪئي ته اسٽيڊيم تماشائين سان ڀريل هو ان جو پنهنجو مزو آهي، آئون اهو ماحول متان ڪڏهن به نه وساري سگھان پر بند دروازن ۾ ڪرڪيٽ جون سرگرميون ته شروع ٿينديون جيڪو گھڻو ضروري آهي، شوقين ٽي وي تي راند جو مزو وٺي سگھندا.

The post ڪورونا سبب ڪرڪيٽ ۾ روايتن جي  تبديلين کي قبول ڪرڻو پوندو: عابد علي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages