ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز هوائن ۽ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 30, 2020

ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز هوائن ۽ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن ۽ برسات کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو.

پنجاب، بلوچستان جي مختلف شهرن سميت گلگت بلتستان ۾ برسات ۽ آنڌاريءَ سان گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ به وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

هنزه ۾ گرمي ۾ واڌ سان گڏ ئي شيشپر گليشيئر ڳَرڻ سان حسن آباد نالي ۾ پاڻي جي سطح ۽ وهاءَ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

ڊي ايم اي گلگت بلتستان موجب گذريل ٻن سالن کان شيسپر گليشيئر جي سُرڻ جو عمل جاري آهي ۽ ان جي اندر ننڍا ننڍا ڍنڍ به ٺهي ويا آهن، پاڻي جي وهاءَ سان شاهراهه قراقرم جو تقريبن 50 ميٽر حصو ۽ تعمير هيٺ بجلي گهر به وهي ويو آهي، جڏهن ته حسن آباد ڳوٺ جي 9 گهراڻن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ڪوهه سليمان جي جابلو سلسلن ۾ تيز برسات کانپوءِ ندين ۽ نالن ۽ ٻوڏ اچي وئي آهي.

بلوچستان ۾ به ڊيرا بگٽي جي تعلقي ڦيلاوغ ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ گاڏي ۾ سوار 7 ڄڻا وهي ويا.

ليويز اختيارين موجب ٻوڏ جي وهڪري مان 3 ڄڻن جا لاش ۽ 2 کي جيئرو ڪڍي ويو، فوتين ۾ ڏاڏو ۽ پوٽو به شامل آهن.

هوڏانهن پنجاب جي شهر فيصل آباد، گوجره، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ڪماليا، ملتان، جڏهن ته سنڌ ۾ نوشهري فيروز ۽ لاڙڪاڻي ۾ برسات کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو آهي.

سنڌ جي ڪيترن ئي حصن ۾ تيز هوائون گهلڻ کانپوءِ موسوم خوشگوار ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، حيدرآباد، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ هوائون گُهلڻ سان گڏوگڏ برسات جو به امڪان آهي.

The post ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز هوائن ۽ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages