توشه خانه ريفرنس: نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ جاري - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 29, 2020

توشه خانه ريفرنس: نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ جاري


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توشه خانه ريفرنس ۾اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿي ويا جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حاضري کان ڇوٽ درخواست منظور ٿي وئي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻن اڳوڻن وزيراعظمن نواز شريف ۽ يوسف رضا گلاني خلاف توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي ڪئي.

آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني تي تحفن ۾ ملندڙ گاڏيو حاصل ڪرڻ جو الزام آهي ۽ احتساب عدالت 15 مئي تي شروعاتي ٻڌڻي تي جوابدارن جا سمن جاري ڪيا هئا.

عدلت آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ نواز شريف کي اڄ عدالت طلب ڪيو هو اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف عدالت ۾ پيش نه ٿيا.

ٻڌڻي دوران نيب عدالت ۾ يوسف رضا گيلاني ۽ عبدالمجيد کي گرفتار ڪرڻ جي اپيل ڪئي،جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر مظفر علي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري کي سمن انهن جي رهائشگاهن تي وصول ڪرايا،جڏهن ته انور مجيد اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي،تنهنڪري سمن وصول نه ڪيا ويا.

وڪيلن چيو ته يوسف رضا گيلاني ۽ عبدالغني مجيد پيش ٿيا آهن،جوابدار انور مجيد اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ کيس سفر ڪرڻ جي اجازت ناهي.

وڪيلن چيو ته جوابدار پيش ٿين ته انهن جي حاضري لڳائي اجازت ڏني ويندي آهي،نيب چيئرمين گرفتاري وارنٽ جاري نه ڪيا ته نيب پراسيڪيوٽر ڪيئن گرفتاري جو چئي سگهي ٿو؟

جج اصغر علي ريمارڪس ڏنا ته آصف زرداري جي سمن جي تعميل چوڪيدار کان ڪرائي وئي،جنهن تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب جواب ڏنو ته قانون موجب جوابدار جي ملازم کي سمن جي تعميل ڪرائي سگهون ٿا،آصف زرداري جو طلبي جو سمن وصول ڪيو ويو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪي جوابدار اڄ پيش ٿيا،انهن جي ته رڳو حاضري لڳندي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن،جنهن تي آصف زرداري جي وڪيل چيو ته آصف زرداري اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

آصف زرداري جي وڪيل اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي،جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو .

احتساب عدالت جي جج جو چوڻ هو ته آصف زرداري کي رڳو اڄ جي حاضري کان ڇوٽ ڏئي رهيو آهيان،ايندڙ ٻڌڻي تي آصف زرداري هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي .

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ميان نواز شريف طرفان ڪير پيش ٿيو آهي؟جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي ٻڌايو ته نواز شريف طرفان ڪو به پيش نه ٿيو .

احتساب عدالت سمن باوجود عدم پيشي تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا،جڏهن ته آصف زرداري کي 11 جون تي طلب ڪري ورتو .

عدالت نيب طرفان يوسف رضا گيلاني ۽ عبدالغني مجيد کي گرفتار ڪرڻ جي اپيل رد ڪندي آصف زرداري ۽ نواز شريف سميت سڀني جوابدارن کي 11 جون تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

The post توشه خانه ريفرنس: نواز شريف جا گرفتاري وارنٽ جاري appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages