

ملتان(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت بلوچستان جي ذريعي پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر امن جو پيغام ڏيون ٿا.
ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڪلڀوشن بلوچستان مان گرفتار ٿيو آهي، ڀارت بلوچستان جي ذريعي پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ٽرائبل بيلٽ ۽ بلوچستان ۾ ڀارت جون حرڪتون اسان جي نظر کان اوجهل ناهن.
هن چيو ته اسلامو فوبيا ۾ مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ڀارت بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، او آءِ سي جي سيڪريٽري کي به ڀارت جي حرڪتن کان آگاهه ڪيو، عيد کان پوءِ اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت، ڪشمير ڪميٽي ۽ لاڳاپيل ادارن جو اجلاس گهرائيندس.
پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ڀارت کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته اسان امن چاهيون ٿا، ڀارت کان گذارش آهي ته سهڪار ڏانهن وڃي، هندوستان اسان جي رواداري کي ڪمزوري سمجهيو ته اِهو غلط ٿيندو، ڀارت جارحيت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ علائقائي سهڪار گهرجي، ڪورونا سان وڙهندڙ ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪس ۽ فروسز کي سلام پيش ڪيان ٿو.
The post ”ڀارت بلوچستان ذريعي پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش پيو ڪري“ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment