کنڊ بحران رپورٽ شهباز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف چارج شيٽ آهي: شهزاد اڪبر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 30, 2020

کنڊ بحران رپورٽ شهباز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف چارج شيٽ آهي: شهزاد اڪبر


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ ان جي وفادار شاهد خاقان عباسي خلاف کنڊ بحران ڪميشن جي رپورٽ چارج شيٽ آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهزاد اڪبر چيو ته شاهد خاقان عباسي کنڊ جي پيداوار جو صحيح ڪاٿو لڳائڻ بنا 24 ڪلاڪن جي نوٽيس تي کنڊ تي 20 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي ايڪسپورٽ جي اجازت ڏئي ڇڏي، اڳوڻو وزيراعظم سبسڊي جي حق ۾ ڪو جواب ڏئي سگهيو، نه ئي ڪي دستاويز پيش ڪيا.

هن چيو ته شاهد خاقان عباسي پنهنجي مالڪ (شهباز شريف) جو ايترو وفادار آهي جو ان جي ڀائٽي (سليمان يا حمزا شهباز) جي چوڻ تي 20 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي ڇڏي، اهو هوندو آهي لائق شخص، اهو هوندو آهي وفادار شخص، سنڌ وارن به حصو وڌو پر اڄ مان ان تي محدود رهندس.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم اي سي سي جي منظوري کانپوءِ کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، سبسڊي نه، ڪميشن کنڊ بحران جو اصل سبب مارڪيٽ ۽ شگر ملز جي ڳٺ جوڙ کي قرار ڏنو.

شهزاد اڪبر موجب ڪميشن لکت ۾ ٻه ڀيرا سنڌ جي وڏي وزير کي طلب ڪيو پر هو پيش نه ٿيو، جڏهن ته اي سي سي ميمبر اسد عمر به پيش ٿي سڀني سوالن جا جواب ڏنا.

هن چيو ته ڪميشن جي رپورٽ ۾ شهباز شريف جي ڪارنامن جو ذڪر موجود آهي، پنجاب جو وڏو وزير هوندي شهباز شريف جي نگراني ۾ العريبيه شگر ملز آبادگارن کي تقريبن سوا ارب رپين جي گهٽ ادائيگي ڪئي، شهباز شريف جو سڄو خاندان العريبيه شگر ملز جو شيئر هوليڊر آهي، آبادگار ۽ واهپيدار بدحال آهي پر شگر ملز خوش آهن.

سندس چوڻ هو ته شهباز شريف خلاف ريفرنس داخل ٿيڻ وارو آهي، جنهن جي خوف کان هن پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو، ن ليگ صدر لاءِ ڀڄڻ جا سڀ رستا بند آهن، شايد هو لنڊن به نه وڃي سگهي.

The post کنڊ بحران رپورٽ شهباز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف چارج شيٽ آهي: شهزاد اڪبر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages