پاڪستان جو عيد الفطر تي افغانستان ۾ جنگ بندي واري اعلان تي خوشي جو اظهار - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, May 24, 2020

پاڪستان جو عيد الفطر تي افغانستان ۾ جنگ بندي واري اعلان تي خوشي جو اظهار


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان طالبان ۽ افغان حڪومت طرفان عيد الفطر جي موقعي تي 3 ڏينهن جنگ بندي کي ڀليڪار ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان عائشه فاروقي چيو ته پاڪستان عيد الفطر جي موقعي تي جنگ بندي بابت طالبان ۽ افغان حڪومت جي اعلانن کي ڀليڪار ڪري ٿو.

پرڏيهي کاتي جي بيان ۾ افغان ڀائرن کي عيد جون واڌايون ڏيندي چيو ويو ته اسان افغانستان ۾هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي دعا ڪيون ٿا.

The post پاڪستان جو عيد الفطر تي افغانستان ۾ جنگ بندي واري اعلان تي خوشي جو اظهار appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages