”شهباز شريف پاڪستان اچي غلطي ڪئي، هاڻ هو جيل ويندو“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, May 25, 2020

”شهباز شريف پاڪستان اچي غلطي ڪئي، هاڻ هو جيل ويندو“


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته شهباز شريف پاڪستان اچي غلطي ڪئي آهي، هاڻ هو جيل ويندو.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ واري معاملي تي عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، هاڻ نواز شريف جا پليٽيليٽس هيٺ مٿي نه پيا ٿين.

شگر اسڪينڊل بابت ڳالهائيندي ريلوي واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ کنڊ برآمد ڪرڻ جي مخالفت ڪئي وئي هئي، جيڪو وڻي الزام هڻو پر عمران خان ايماندار ۽ صاف ماڻهو آهي.

هن چيو ته اسد عمر به ايماندار ماڻهو آهي پر غلطي ٿي ويندي آهي جڏهن ته جهانگير ترين جو عمران خان سان هڪ چهرو هو جيڪو هاڻ خراب ٿي ويو آهي.

شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته اڄ ڪلهه ڪابينا ۾ عمران خان اسد عمر کي وڌيڪ ٻڌندو آهي.

The post ”شهباز شريف پاڪستان اچي غلطي ڪئي، هاڻ هو جيل ويندو“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages