پشاور جي وڏين اسپتالن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ گنجائش گهٽجڻ لڳي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 27, 2020

پشاور جي وڏين اسپتالن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ گنجائش گهٽجڻ لڳي


 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي ٻن وڏين تدريسي اسپتالن خيبر ٽيچنگ ۽ حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي انتظاميا ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کي ڏسندي بسترن ۽ آڪسيجن جي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.

خيبر ٽيچنگ اسپتال جي انتظاميا موجب ڪورونا متاثرن لاءِ اسپتال ۾ 55 بيڊ رکيل آهن، جڏهن ته 41 مريض علاج هيٺ آهن.

اسپتال انتظاميا خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن مريضن جو انگ ائين ئي وڌندو رهيو ته اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ ٿي سگهي ٿي.

هوڏانهن حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ ڪورونا جي مريضن لاءِ 90 بيڊ رکيل آهن، جڏهن ته هن وقت 85 مريض علاج هيٺ آهن پر ايمرجنسي ۾ مريضن لاءِ وڌيڪ 360 بيڊ رکي سگهجن ٿا.

اسپتال انتظاميا موجب ڪورونا جي هڪ مريض کي آڪسيجن جي هڪ کان ٻن سئلينڊرن جي روز ضرورت هوندي آهي، جيڪڏهن مريضن جي صورتحال ائين ئي رهي ته آڪسيجن کُٽي سگهي ٿي.

ان حوالي سان ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ ڪورونا جي مريضن لاءِ بيڊن جي کوٽ ناهي، 220 بيڊن تي ٻڌل ڪورونا ڪامپليڪس ۾ هن وقت 32 مريض داخل آهن، ضرورت پوڻ تي وڌيڪ بيڊ به رکي سگهجن ٿا.

اسپتالن جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪورونا متاثرن مان سنگين علامتون رکندڙ مريضن کي ئي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته معمولي علامتون رکندڙ مريضن کي گهرن ۾ ئي قرنطينه ٿيڻ جي هدايت ڪئي ويندي آهي.

واضح رهي ته خيبر پختونخواهه ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 8 هزارن کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 416 مريض فوت به ٿي چڪا آهن.

The post پشاور جي وڏين اسپتالن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ گنجائش گهٽجڻ لڳي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages