”بلوچستان ۾ ٻاهرين مداخلت جي خلاف آواز بلند ڪنداسين“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, May 25, 2020

”بلوچستان ۾ ٻاهرين مداخلت جي خلاف آواز بلند ڪنداسين“


 ننڪانه(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته بلوچستان ۾ ٻاهرين مداخلت جي خلاف آواز بلند ڪنداسين.

وفاقي گهرو وزير اعجاز احمد شاهه ننڪانه ۾ پنهنجي گهر تي نيوز ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت پنجن سالن وارو آئيني مدو پورو ڪندي، پنج سالن کان پوءِ حڪومت نه حڪومت جو ڪم ڳالهائيندو، ڏکئي وقت ۾ سڀني کي قرباني ڏيڻي پوندي.

اعجاز شاهه چيو ته بلوچستان جي فوج جي جوانن تي حملا ڪيا ويا جنهن ۾ ٻاهريان هٿ ملوث آهن، بلوچستان ٻاهرين مداخلت جي خلاف آواز بلند ڪنداسين.

وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪشميرين تي ظلم ڪيو پيو وڃي، حڪومت انهن تي ظلمن جي خلاف عالمي سطح تي ڀرپور آواز بلند ڪيو، اسلامي ملڪن به ڪشميرين جي حق ۾ آواز اٿاريو، افغان طالبان به ڀارت جي خلاف ڪارروائين اعلان ڪيو آهي.

اعجاز شاهه وڌيڪ چيو ته ننڪانه صاحب بابا گورو نانڪ يونيورسٽي جي چار ديواري جو ڪم  لڳ ڀڳ مڪمل ٿي ويو آهي.

The post ”بلوچستان ۾ ٻاهرين مداخلت جي خلاف آواز بلند ڪنداسين“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages