

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا حنا الطاف ۽ اداڪار آغا علي نڪاح ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.
ان ڏس ۾ حنا الطاف طرفان انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون ويون.
اداڪارا پنهنجن چاهيندڙن کي نڪاح جي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته آغا علي ۽ هوءَ اڳ ۾ ڪيئن هڪ ٻئي کي ناپسند ڪندا هئا، پهريان دوست بڻيا ۽ هاڻ هڪ ٻنهي هڪ ٻئي سان زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو.
حنا الطاف ٻڌايو ته آغا علي هن جي دل کٽي ورتي ۽ پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي سان زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو.
اداڪارا چيو ته هنن گذريل ڏينهن نڪاح ڪيو آهي.
هوڏانهن اداڪار ۽ گلوڪار آغا علي به انسٽاگرام پوسٽ ذريعي مداحن کي نڪاح جي خوشخبري ٻڌائي.
آغا علي ٻڌايو ته ڪجهه ورهيه اڳ هن ۽ حنا الطاف هڪ ٽي وي شو جي ميزباني ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هو ٻَئي هڪ ٻئي کي ناپسند ڪندا هئا.
هن چيو ته اسان ٻيهر ملياسين ۽ پوءِ اسان جي دوستي ٿي، جڏهن لاڪ ڊائون هيو ته مون کي ائين لڳو ته منهنجو ڪو حصو مون کان ڌار ٿي ويو آهي ۽ ان وقت آئون حنا سان سموري زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو.
آغا علي ۽ حنا الطاف جي نڪاح تي سندن چاهيندڙن سوڌو مختلف شوبز شخصيتن طرفان واڌايون ۽ دعائون ڏنيون پيون وڃن.
The post حنا الطاف ۽ آغا علي نڪاح ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

@hinaaltaf I Officially Love you
#AaghaAli #HinaAltaf #JustMarried
No comments:
Post a Comment