ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري راڳي علي سيٺي پنهنجن مداحن کي آمريڪا جي دوري جي خوشخبري ٻڌائي جتي هو يارنهن مختلف شهرن ۾ ڳائيندو. علي سيٺي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته هو جلد آمريڪا جو دورو ڪندو جتي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ڪانسرٽ جو حصو بڻجندو. هن ٻڌايو ته هو سڀ کان اڳ نيوجرسي ۾ 22 مارچ تي پرفارم ڪندو جنهن بعد هو نيويارڪ ۾ ٿيندڙ سال جو ٻين پين ايشيا سائونڊنگ فيسٽيول ۾ لاهور بينڊ سان گڏ پرفارم ڪندو. ان کانپوءِ راڳي بروڪلين ۾ 23، ڪينيڊي سينٽر ۾ 31 مارچ، شڪاگو ۾ 5 اپريل، ڊلاس ۾ 6 اپريل، اوڪلا هوما ۾ 7 اپريل، ڪارنيگي هال ۾ 11 اپريل، سنسناٽي ۾ 12 اپريل، سان فرانسسڪو ۾ 19 اپريل ۽ هارورڊ ۾ 5 مئي تي ڪانسرٽ ڪندو. واضح رهي ته علي سيٺي پنهنجي ميوزڪ ڪيريئر جي شروعات 2013ع ۾ “محبت ڪرني والي” گيت جي ڪور ( پراڻي گيت کي نئين انداز ۾ ڳائڻ) جي گلوڪاري سان ڪئي هئي. هن ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 8 ۾ فيچر آرٽسٽ طور شموليت اختيار ڪئي جنهن بعد گھڻي شهرت حاصل ڪئي.
The post راڳي علي سيٺي آمريڪا جي 11 شهرن ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ تيار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment